شهيد بينظير ڀٽو جي وڏي ڌيءُ بختاور ڀٽو زرداري مٽياري ضلعي مان چونڊ وڙهندي

ڪراچي: شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي وڏي ڌيءُ بختاور ڀٽو زرداري پاران ايندڙ چونڊن ۾ مٽياري ضلعي جي تڪ تان بيهڻ جو امڪان، مخدوم جميل الزمان به اميدوار آهي.
ايندڙ اليڪشن ۾ مخدوم رفيق الزمان جو پٽ فخرالزمان، مخدوم محبوب الزمان ۽ سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ به اليڪشن وڙهندا

بختاور ڀٽو جي هالا واري دوري کانپوءِ سندس ضلعي جي قومي يا صوبائي تڪ تان اليڪشن وڙهڻ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، تبصرا ڪيا پيا وڃن ته بختار ڀٽو زرداري مٽياري ضلعي جي سياست ۾ انٽري ڪندي ضلعي مان ئي چونڊ وڙهي سگهي ٿي.
اهو به بحث هلي رهيو آهي ته بختاور ڀٽو جيڪڏهن هتان اليڪشن ۾ بيهندي ته پوءِ مخدوم جميل الزمان ڪهڙي تڪ تان چونڊ وڙهندو، جڏهن ته ڪجهه عرصو اڳ مخدوم جميل الزمان جي ڪو آرڊينيٽر پاران اهو اعلان ڪيو ويو هو ته مخدوم جميل الزمان ضلعي مٽياري جي ايم اين اي ۽ تعلقي مٽياري جي ايم پي اي واري سيٽ تي گڏيل اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺندو.
هوڏانهن مخدوم رفيق الزمان پنهنجي پٽ فخرالزمان کي ايم پي اي جو اميدوار نامزد ڪري چڪو آهي، ايم اين اي لاءِ سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ به اميدوار آهي، هالا واري تڪ تان مخدوم محبوب الزمان اليڪشن وڙهندو.
پارٽي ذريعن موجب ايم اين اي لاءِ سينيٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ به تعلقي مٽياري واري تڪ جو اميدوار آهي، تعلقي هالا واري تڪ تان مخدوم محبوب الزمان ئي اليڪشن ۾ حصو وٺندو.
ايم اين اي مخدوم جميل الزمان گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته بختاور ڀٽو زرداري محترمه بينظير ڀٽو جي ڌيءَ آهي اها ڪٿان به اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿي اسان ساڻس گڏ هونداسين.
مخدوم جميل الزمان پاڻ وزيراعليٰ جو اميدوار ظاهر ڪندي اهو چيو هو ته دعا ڪيو ته وزيراعليٰ ٿيان ته ضلعي جا ڪم ڪندس، ضلعي کي ترقي وٺرائي سگھان ڇو جو وڏو وزير فقط پنهجي ئي ضلعي اندر ترقياتي ڪم ڪرائي سگهي ٿو، هن چيو ته وڏو وزير فقط پنهجي ضلعي تائين محدود هجي ٿو باقي سنڌ جي ٻين ضلعن جا پاور ٻين جي هٿن ۾ هوندا آهن.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔