ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ پاڪستاني ٽيم ڀارت ويندي يا نه؟ ڪميٽي قائم

ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ويندي يا نه؟ فيصلو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ هاءِ پروفائيل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي

ڪميٽي ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اعظم نذير تارڙ، احسان مزاري ۽ مريم اورنگزيب شامل آهن، هاءِ پروفائيل ڪميٽي ۾ اسعد محمود، امين الحق، قمر زمان ڪائرا ۽ طارق فاطمي به شامل آهن

قومي سلامتي جي ادارن جا سربراهه ۽ پرڏيهي سيڪريٽري به هاءِ پروفائيل ڪميٽي ۾ شامل آهن، ڪميٽي قومي ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت وڃڻ بابت فيصلو ڪندي

 هاءِ پروفائيل ڪميٽي جون سفارشون حتمي منظوري لاءِ وزيراعظم ڏانهن اماڻيون وينديون، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت حڪومت جي اجازت سان مشروط ڪئي آهي

ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 15 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ اهم دنگل رٿيل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔