اٽلي جي ڍنڍ کان پوءِ جاپان جو درياهه به سائو ٿي ويو

ٽوڪيو: ماڻهن کي ياد هوندو ته ڪجهه هفتا اڳ ميڊيا تي خبر هئي ته اٽلي مشهور ڍنڍ جو رنگ تبديل ٿي ويو هو. هاڻ جاپان جي هڪ وڏي درياهه جو ڪجهه حصو ائين ئي سائو ٿي ويو آهي.

اولهه جاپان جي مشهور شهر، اوساڪا وٽ آئڪوما جي علائقي ۾ موجود ٽاٽسوٽا ڍنڍ جا ماڻهو ڳڻتي جو شڪار آهن ڇو جو هڪ ڏينهن صبح جو ڍنڍ جو وڏو حصو روشن سائي رنگ جو ٿي ويو هو. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ڪنهن ونهنجڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل جو وڏو مقدار ڍنڍ ۾ اُڇليو آهي ۽ ان ڪيميائي عمل سبب پاڻي جو رنگ هڪدم تبديل ٿي ويو آهي.

شهري انتظاميا عوام کي ڍنڍ کان پري رهڻ جو مشورو ڏنو آهي ۽ شروعاتي جاچ مان ڪجهه شاهديون سامهون آيون آهن. درياهه ڪناري سوڊيم فلورسين جو وڏو مقدار مليو آهي جنهن کي روڊ تان ڦٽو ڪيو ويو هو. ان جو رنگ ڳاڙهو هوندو آهي پر پاڻي ۾ گڏجي اهو سائو ٿي ويندو آهي. اهو باٿ سالٽ ۾ عام استعمال ٿيندو آهي.

پر ماهرن جو خيال آهي ته سوڊيئم فلورسين طبعي ۽ ڪيميائي طور تي صحت لاءِ هاڃيڪار ناهي هوندو.

پر زراعت ۾ ان جو استعمال هاڃيڪار ٿي سگھي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔