حڪومت کي خلائي مخلوق جي ٺڪاڻي جي خبر آهي،آمريڪي پارليامينٽ ميمبر جو انڪشاف

واشنگٽن: خلائي مخلوق جي وجود ۽ ان جي انسانن سان رابطي بابت ٻه راءِ آهن. ڪجهه ماڻهو خلائي مخلوق جي وجود تي يقين ئي ناهن رکندا ۽ ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته خلائي مخلوق آمريڪا سوڌو ٻين عالمي طاقتن سان رابطي ۾ آهي. هاڻ اهڙو ئي ڇرڪائيندڙ انڪشاف هڪ آمريڪي ڪانگريس ميمبر طرفان ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي رياست ٽِينيسي سان واسطو رکندڙ ايوان نمائيندن جي ميمبر ٽم برچيٽ خلائي مخلوق بابت جاچ متعلق ڪانگريس جي نگران ڪميٽي جو ميمبر به آهي. هن پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته خلائي مخلوق نه رڳو وجود رکي ٿي پر آمريڪي حڪومت ان جي وجود کان صدين کان آگاهه به آهي ۽ هيل تائين عوام کان اهو راز لِڪايو ويو آهي.

ٽم برچيٽ چيو ته آمريڪي حڪومت 1890ع کان خلائي مخلوق جي وجود کي لڪائيندي پئي اچي. خلائي مخلوق وٽ موجود ٽيڪنالوجي بابت ٽم برچيٽ اهو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته انهن وٽ اهڙي ٽيڪنالوجي آهي جنهن ذريعي هو انسانن کي ڪوئلي ۾ تبديل ڪري سگھن ٿا.

خلائي مخلوق جي اڏام کٽولن بابت ٽم برچيٽ ٻڌايو ته هو پنهنجي اڏام کٽولن ذريعي نوري سالن جو مفاصلو طئي ڪري سگھن ٿا. هو ايترو تيز سفر ڪري سگھن ٿا جنهن جو اسان جي اڄ جي فزڪس تصور به نٿي ڪري سگھي. سندن اڏام کٽولا رڳو خلا ۾ ئي نه پر پاڻين ۾ به اڏامي سگھن ٿا اسان جي هوائي جهازن جي ابتڙ هو پنهنجي پٺيان ڪو به سراغ ناهن ڇڏيندا.

آمريڪي ڪانگريس مِين ٻڌايو ته ”خلائي مخلوق وٽ اهڙي ٽيڪنالوجي آهي، جنهن کان اسان زمين تي رهندڙ انسان قطعي واقف ناهيون. اسان خلائي مخلوق سان وڙهڻ جي اهليت نٿا رکون. اهو ئي سبب آهي جو آئون خلائي مخلوق کي انسانن لاءِ خطرو ناهيان سمجهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔