ڪاجول سياستدانن بابت بيان تي تنقيد بعد خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي: مشهور ڀارتي اداڪارا ڪاجول سياستدانن جي حوالي سان ڏنل پنهنجي بيان تي تنقيد کان پوءِ خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ڪاجول تازو ئي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڀارتي سياستدانن جي حوالي سان چيو هو ته اسان وٽ اهڙا سياسي اڳواڻ آن جن جو تعليمي پس منظر ناهي.
ڪاجول جي وضاحت
ڪاجول پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ”آئون رڳو تعليم ۽ ان جي اهميت بابت ڳالهائي رهي هيس. منهنجو مقصد ڪنهن سياسي ليڊر کي نيچو ڏيکارن نه هو، اسان وٽ ڪجهه عظيم ليڊرز آهن جيڪي ملڪ کي صحيح رستي هلائي رهيا آهن“.
ڪاجول جو بيان ڇا هو؟
هڪ انٽرويو ۾ ڪاجول چيو هو ته هندستان ۾ تبديلي جي رفتار سست آهي ڇو جو ماڻهو روايتن ۾ جڪڙيل آهن ۽ مناسب تعليم جي کوٽ آهي.
ملڪ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت ڳالهائيندي اداڪارا چيو هو ته ”تبديلي، خاص طور تي هندستان جهڙي ملڪ ۾، سست آهي. ڇو جو اسان پنهنجي روايتن ۾ ڦاٿل آهيون ۽ پنهنجي سوچ جي عمل ۾ دٻيل آهيون ۽ يقينن ان جو واسطو تعليم سان آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اوهان وٽ اهڙا سياسي اڳواڻ آهن جن جو تعليمي نظام جو پس منظر ناهي. مون کي افسوس آهي پر مون کي مجبور ٿي اهو چوڻو پئجي رهيو آهي. مون تي اهڙن سياسي حڪمرانن جي حڪمراني آهي، جن مان گھڻا اهڙا آهن جن جو نقطه نظر اُهو ناهي جيڪو منهنجي خيال ۾ تعليم يافتا شخص جو هوندو آهي، تعليم اوهان کي گھٽ ۾ گھٽ هڪ مختلف نقطه نظر کي ڏسڻ جو موقعو فراهم ڪندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔