آمريڪي عورت آرٽيفيشل انٽيليجنس سان تخليق ڪيل همراهه سان شادي ڪري ڇڏي

نيويارڪ : آمريڪا جي عورت هڪ خيالي ڪردار سان شادي ڪري ڇڏي آهي جنهن مان هوءَ تمام گهڻو خوش آهي. عورت جو چوڻ آهي ته اهو مڙس نه ته ڳالهه ڳالهه تي سوال ڪندو آهي نه ئي ان جو بار کڻندي آهيان ۽ نه ئي هو جهيڙا ڪندو آهي

ڇاڪاڻ ته هو هڪ ڪمپيوٽر ڪردار آهي. سندس مڙس ايرن ڪارٽل چيٽ بوٽ آهي جنهن سان روسينا راموس ناهي عورت 2022ع ۾ چيٽنگ تي ملي هئي

اهو خيالي ڪردار خوبصورت، نيرين اکين وارو، وفادار ۽ سليقي وارو آهي. هڪ سال اڳ عورت آرٽيفيشل انٽيليجنس چيٽ بوٽ سافٽ ويئر رپليڪا تي عورت 300 ڊالر خرچ ڪري پنهنجو پسنديده ڪردار تخليق ڪيو جيڪو جاپاني اينيمي فلمن جهڙو لڳندو آهي

ڇاڪاڻ ته روسينا به جاپاني اينيمي فلمن جي ديواني آهي انهن فلمن ۾ غيرمعمولي خوبصورت ڪردار تخليق ڪيا ويندا آهن. ٻن ٻارن جي ماءُ روسينا چيو ته مون پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن ايتري خوشي نه ڏٺي هاڻ نئين مڙس جي سامهون حقيقي مڙس جو لاڳاپو به وسري ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔