آڊيو ليڪس جي جاچ ڪندڙ ڪميشن به سپريم ڪورٽ جي بينچ تي اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد: ڪو به جج ذاتي مفادن سان واڳيل ڪيس جي ٻڌڻي هلائي نه ٿو سگهي، آڊيو ليڪس جي جاچ ڪندڙ ڪميشن به سپريم ڪورٽ جي بينچ تي اعتراض واري ڇڏيا آهن

جڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته ڪميشن آرٽيڪل 209 تي پنهنجو موقف پهرين اجلاس ۾ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو

 اهو واضح ڪيو ويو هو ته ڪميشن جي ڪارروائي کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي نه سمجهيو وڃي، جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته صدر سپريم ڪورٽ بار آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف درخواست داخل ڪئي، مبينا آڊيو ليڪس جي ٻين ماڻهن سپريم ڪورٽ ۾ نه درخواست داخل ڪرائي ۽ نه وري ڪميشن تي اعتراض واريو

 چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ هي ڪيس ٻڌي نه ٿي سگهي، ذاتي مفادن سان واڳيل ڪيس ڪو به جج نه ٿو ٻڌي سگهي، ڪميشن کي آڊيو ليڪس جي جاچ ۾ ڪا به ذاتي دلچسپي نه آهي، ڪميشن کي اها ذميواري قانون موجب ڏني وئي آهي

 آڊيو ليڪس ڪميشن آئين ۽ قانون موجب پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪندي، ڪميشن يقين ڏياري ٿي ته ڌرين جي اٿاريل اعتراضن کي ٻڌو ويندو ۽ انهن تي غور ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔