نيپرا مهانگائي جي ماريل عوام مٿان بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو، 1 روپيو 60 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري

اسلام آباد: مهانگائي جي ماريل عوام مٿان بجلي بم ڪيرايو ويو آهي. ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي هڪ روپيو 60 پئسا وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي آهي.

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ڊسڪوز جي اپريل واري ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي

نيپرا پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي 2 روپيه هڪ پئسو في يونٽ واڌ جي درخواست جمع ڪرائي هئي. ڊيٽا جي شروعاتي جانچ پڙتال موجب 1 روپيه 61 پئسا في يونٽ واڌ ٿئي ٿي

نيپرا چيو آهي ته في يونٽ واڌ جو جو ڊسڪوز جي سمورن صارفين، ماسوائي لائف لائن ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنز تي هوندو. ڪي اليڪٽرڪ صارفين اهڙي واڌ کان آجا هوندا

نيپرا چيئرمين چيو آهي ته اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جانچ پڙتال کان پوءِ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔