رياست تي حملو ڪندڙن سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن: وزيراعظم

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته سياسي ويس اوڍي رياست تي حملو ڪندڙن سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن

وزيراعظم شهباز شريف عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

پنهنجي ٽويٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڳالهيون سياسي عمل ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون، ڳالهيون جمهوريت جي اوسر ۽ ان کي سگهارو بڻائڻ ۾ به مدد ڪن ٿيون، پر سياستدانن جو ويس اوڍي رياست تي حملو ڪندڙ ڳالهين جا اهل نه آهن

هن چيو ته اهڙن ماڻهن سان ڳالهيون ڪرڻ بدران هنن کان عسڪري ڪارروائين جو حساب ڪتاب ڪرڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔