ڪراچي ايئرپورٽ تي قطر جي جهاز جي ايمرجنسي لينڊنگ، فلپائني عورت ٻار کي جنم ڏنو

ڪراچي ايئرپورٽ تي قطر ايئرويز جي ميڊيڪل ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي وئي،  فلپائني عورت ٻار کي جنم ڏنو، دوحا کا قطر ويندڙ اڏام ڪيو آر 934 رات دير سان جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ميڊيڪل ايمرجنسيءَ سبب لينڊ ڪيو

فلائيٽ ۾ سفر ڪندڙ ڳورهاري عورت کي تڪيلف ٿيڻ سبب اڏام کي  ميڊيڪل ايمرجنسي لينڊنگ ڪرائي وئي، ايمرجنسي لينڊنگ بعد ڳورهاري  عورت کي جهاز ۾ ئي ضروري  طبي امداد ڏني وئي

لينڊنگ بعد ڊاڪٽر ۽ ايمبولينس  موقعي تي پهتا پر ان کان اڳ عورت  هڪ ٻار کي جنم ڏئي چڪي هئي، قطر اڏام ۾ ٻار کي جنم ڏيندڙ  عورت جورابل هرموسيلا جو تعلق فلپائين سان آهي

ايوي ايشن اٿارٽي موجب ماءُ ۽ ٻار جي وڌيڪ نگهبانيءَ جي  لاءِ ڪراچيءَ جي ميمڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔