آڊيو ليڪس ڪيس: وفاقي سرڪار کي سپريم ڪورٽ جي بينچ ۾ شامل 3 ججز تي اعتراض

وفاقي سرڪار آڊيو ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ۾ شامل 3 ججز تي اعتراض واري ڇڏيا

وفاقي حڪومت چيف جسٽس عمر عطا بنديال سميت 3 ججز کي بينچ کان ڌار ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي

حڪومت آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف درخواستن جي ڪيس ۾ ڌار درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر کي بينچ کان ڌار ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته چيف جسٽس سميت ٽئي جج لارجر بينچ ۾ ويهڻ کان انڪار ڪن

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 26 مئي تي ٿيل ٻڌڻي دوران چيف جسٽس تي اٿاريل اعتراضن کي اهميت نه ڏني وئي، جڏهن ته انڪوائري ڪميشن آڏو هڪ آڊيو مبينا طور چيف جسٽس جي سس جي باري ۾ به آهي

 درخواست موجب ججز جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تحت جج پنهنجن رشتيدارن جو ڪيس نه ٿا ٻڌي سگهن، ان بنياد تي ماضي ۾ ارسلان افتخار ڪيس ۾ چيف جسٽس افتخار چوڌري حڪومتي اعتراضن تي پاڻ کي بينچ کان ڌار ڪري ڇڏيو هو

 درخواست موجب ڪجهه آڊيو ليڪس جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر بابت به آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔