آڊيو ليڪس: اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جاچ ڪميٽي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب قومي اسيمبلي طرفان مبينه آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.

نجم ثاقب طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ پارلياماني معاملن واري سيڪريٽري، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، خصوصي ڪميٽي ۽ سيڪريٽري ڪميٽي کي ڌر بنايو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 2 مئي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مبينه آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي. آڊيو ليڪس پٽيشنر جي پرائيويسي ۾ مداخلت ۽ غيرقانوني سرويلنس جو نتيجو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔