نوازشريف کي پارٽي صدارت تي بحال ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف کي پارٽي جي صدارت تي بحال ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي نوازشريف کي پارٽي صدارت تي بحال ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي اعتراض جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت رجسٽرار آفيس جو اعتراض برقرار رکيو ۽ درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي.

ياد رهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل آفاق ايڊووڪيٽ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته 2017 ۾ نوازشريف کي قومي اسيمبلي مان نااهل ڪيو ويو. 2018 ۾ عدالت کيس پارٽي جي صدارت تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن اين اي 95 ميانوالي مان عمران خان کي به نااهل قرار ڏنو پر کيس پارٽي سربراهي تان نه هٽايو ويو. ان لاءِ نوازشريف کي به پارٽي جي صدارت تي بحال ڪيو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس درخواست تي اعتراض لڳايو هو ته نوازشريف کي پارٽي عهدي تان سپريم ڪورٽ هٽايو ان سان رابطو ڪيو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي ماتحت آهي هتي ٻڌڻي نٿي ٿي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔