رومانس پسند آهي پر هاڻ آئٽم سانگ نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي: ناليواري اداڪارا ڪبريٰ خان پنهنجي آئٽم نمبر تي وضاحت ڏيندي چيو آهي ته اهو غير ارادي طور ٿي ويو، مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به گاني تي پرفارم ڪرڻ جو ارادو نٿي رکان. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪبريٰ خان چيو ته هر فلم ۾ آئٽم سانگ هجڻ ضروري ناهي

مون کي خبر نه هئي ته ”سپر اسٽار“ فلم ۾ جنهن گيت تي پرفارم ڪرڻو آهي اهو آئٽم نمبر آهي، مان شوٽ تي پهتيس ته پوءِ خبر پئي آئٽم نمبر ٿي رهيو آهي

هن چيو ته آئٽم نمبر منهنجي مزاج موجب ناهي پر زبان ڏئي چڪي هيس، تنهن ڪري ”ڌڙڪ ڀڙڪ“ تي پرفارم ڪرڻو پئجي ويو. سندس چوڻ هو ته گاني ۾ پاتل لباس سان به مون کي مسئلو هو، ان دوران پاڻ کي بهتر محسوس نه ڪري رهي هيس، جيئن ئي شوٽ ختم ٿيندو هو ته پاڻ کي رئي سان ويڙهي ڇڏيندي هيس

هونئن به اهو گانو مون کان وڌيڪ بلال اشرف لاءِ آئٽم سانگ هو. ڪبريٰ خان چيو ته مون کي ڊانس ڪرڻ يا رومانوي گانن ۾ پرفارم ڪرڻ پسند آهي پر اڳتي ڪڏهن به آئٽم سانگ نه ڪنديس، ڀلي مان ڪِني ٿي وڃان پر آئٽم سانگ نه ڪنديس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔