سنڌ حڪومت پاران شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسي واري ڏينهن 4 اپريل تي عام موڪل جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت 4 اپريل تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ حڪومت طرفان صوبي ۾ 4 اپريل تي عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب اڱاري تي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلزپارٽي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي عام موڪل هوندي.
4 اپريل تي سنڌ حڪومت جي ماتحت ادارا بند رهندا، جڏهن ته وفاقي ادارا ۽ بئنڪون معمول موجب کليل رهنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔