نيپرا پاران سڄي ملڪ لاءِ بجلي سستي، ڪراچي وارن لاءِ 56 پئسا مهانگي

اسلام آباد: نيپرا سڄي ملڪ لاءِ بجلي سستي، جڏهن ته ڪراچي لاءِ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا طرفان ڪراچي جي صارفين لاءِ بجلي 56 پئسا في يونٽ مهانگي ۽ باقي ڪمپنين لاءِ 6 پئسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي

نيپرا ڪي اليڪٽرڪ ۽ سرڪاري بجلي ڪمپنين جي فيبروري جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي درخواستن تي الڳ الڳ ٻڌڻي ڪئي.
نيپرا اختيارين ٻڌايو ته فيبروري ۾ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي وسيلن سان 48 رپيا 55 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ڪئي، جڏهن ته وفاق کان ملندڙ بجلي جي قيمت 9.05 رپيا في يونٽ رهي.
نيپرا ٻڌڻي کانپوءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي پر اٿارٽي تفصيلي فيصلو پوءِ جاري ڪندي.
سرڪاري بجلي ڪمپنين جي درخواست تي ٻڌڻي دوران نيپرا اختيارين چيو ته فيبروري ۾ ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي سان 6 ارب 55 ڪروڙ رپين جو وڌيڪ بار پيو، ٽرانسميشن لائن جي مسئلن سبب 5 ارب 6 ڪروڙ 90 لک رپين جو وڌيڪ بار پيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔