سنڌ جي گورنر سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 40 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ماهوار پگهار 50 هزار ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 40 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.
سنڌ جي گورنر وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته رڪارڊ مهانگائي مان عام ماڻهو سخت متاثر ٿي رهيو آهي ان ڪري پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 50 هزار روپيه مقرر ڪئي وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي لکيل خط ۾ سنڌ جي گورنر سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 40 سيڪڙو واڌ جي به تجويز ڏني آهي.
سنڌ جي گورنر خط ۾ چيو آهي ته تازي ٻوڏ سبب فصل متاثر ٿيا آهن، جنهن سبب مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي. ذخيره اندوزي ۽ مهانگائي سبب حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔