وفاقي حڪومت جو عدالتي سڌارن لاءِ فوري طور قانون سازي جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت عدالتي سڌارن لاءِ فوري طور قانون سازي جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب تجويز ڪيل بل ۾ پاڻمرادي نوٽيس خلاف اپيل جي حق بابت قانون سازي ڪئي ويندي، تجويز ڪيل بل موجب چيف جسٽس آف پاڪستان پاڻمرادي نوٽيس جو استعمال اڪيلي سر استعمال نٿو ڪري سگهي، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار فل ڪورٽ کي ڏيڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي بئنچ جوڙڻ جي طريقي ڪار کي تبديل ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.
قانون واري وزير جي سربراهي ۾ قانوني ماهرن تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، تجويز ڪيل قانون ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار اڪيلي فرد جو ناهي.
ان حوالي سان وفاقي ڪابينا جو اجلاس فوري طور سڏايو پيو وڃي، جنهن ۾ انهن تجويز ڪيل قانونن جي منظوري ورتي ويندي ۽ پوءِ انهن کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔