آئين ۽ قانون ۾ اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ جو اختيار ناهي: سپريم ڪورٽ

سُپريم ڪورٽ ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته بظاهر لڳي ٿو اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪرڻ جو دستاويز تڪڙ ۾ تيار ڪيو، آئين ۽ قانون ۾ اليڪشن ڪميشن کي تاريخ تبديل ڪرڻ جو اختيار نه آهي، اهو واضح آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ناهي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته دهشتگردي جو مسئلو ته 90 جي ڏهاڪي کان هلي پيو، ڇا 90 جي ڏهاڪي ۾ چونڊون ملتوي ٿيون هيون؟

چيف جسٽس چيو ته ڪيترن ئي سياسي ليڊرز جانيون قربان ڪيون، پ پ جِي سربراهه جي شهادت به وڏو سانحو هو، اهڙين حالتن ۾ به چونڊون ٿينديون رهيون

جسٽس منيب اختر چيو ته چونڊون ڪنهن به وقت ٿي سگهن ٿيون، اليڪشن ڪميشن کي تيار رهڻ گهرجي، حڪومت هلائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم ناهي، چيف جسٽس چيو ته آدم شماري کانپوءِ تڪبندين ۾ 4 مهينا لڳندا آهن

جسٽس منيب اختر پُڇيو ته ڇا آدمشماري دوران چوندون نٿيون ٿي سگهن؟ اٽارني جنرل چيو ته آدم شماري جي نتيجن جي بُنياد تي ئي چونڊون ٿينديون آهن، فوج جي سيڪيورٽي نه ڏيڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، آئين موجب فوج ذميوار آهي ته چونڊن دوران ڊيوٽي ڪري

چيف جسٽس چيو ته سادو سوال آهي اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ اڳتي ڪري سگهي ٿي يا نه؟ اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار آهي ڳالهه ختم ٿي ويندي، آئين جي ايمرجنسي پروِييَن ۾ ذڪر آهي ته خراب ترين حالتن ۾ چونڊون ملتوي ٿي سگهن ٿيون، ڇا هينئر ايمرجنسي جي صورتحال آهي جو چونڊون نه ٿين، عدالت پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔