مريم نواز جي مالي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا

لاهور: مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر ۽ سينئر نائب صدر مريم نواز ڪيترن اثاثن جي مالڪياڻي آهي تفصيل سامهون اچي ويا.
مريم نواز مالي اثاثن جا تفصيل پنهنجي نامزدگي ڪاغذن سان گڏ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل دستاويزن موجب مريم نواز گڏيل طور تي 84 ڪروڙ 25 لک روپين کان وڌيڪ اثاثن جي مالڪياڻي آهي. جڏهن ته 2 ڪروڙ 89 لک روپين کان وڌيڪ جي قرضدار آهي. مريم نواز اهو قرض پنهنجي ڀاءُ حسن نواز کان ورتو آهي. سندس مڙس ڪيپٽن ر صفدر به دوستن کان 6 ڪروڙ روپين جو قرض ورتو آهي.
دستاويزن موجب مريم نواز رائيونڊ جي علائقي ۾ 1 هزار 400 ڪئنال کان وڌيڪ ايراضي جي مالڪياڻي آهي. سندس پرڏيهه ۾ ڪابه ملڪيت ناهي. مريم نواز 3 سالن ۾ 1 ڪروڙ 90 لک روپين کان وڌيڪ زرعي آمدني ظاهر ڪئي آهي. هن 3 سالن دوران زرعي ايراضي جي آمدني تي 12 لک روپين کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪيو. حديبيه پيپر ملز ۾ 54 لک 69 هزار رپين کان وڌيڪ جا شيئرز خريد ڪيا ويا آهن.
دستاويزن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته مريم نواز محمد بخش ٽيڪسٽائل ملز ۾ 48 لک 21 هزار روپين جي شيئرز هولڊرز آهي. مريم نواز حمزه شپنگ ملز ۾ 16 لک، جنيد پولٽري فارمز ۾ 90 هزار روپين جي ماليت جي شيئرز جي مالڪياڻي آهي.
دستاويزن موجب مريم نواز وٽ پنهنجي ذاتي گاڏي ناهي، مريم نواز جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ 78 لک روپين کان وڌيڪ جي رقم موجود آهي. مريم نواز نامزدگي ڪاغذن ۾ تعليمي قابليت ايم اي انگلش لٽريچر ظاهر ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔