ايم ڪيو ايم آدمشماري نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان آدشماري رد ڪرڻ جو اعلان ڪندي غيرجانبدار نجي شعبي کان آدشماري ٻيهر ڪرائڻ ۽ ڊيٽا تائين پهچ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته گذريل ڏينهن شماريات کاتي جي سربراهه طرفان آدشماري جا انگ اکر جاري ڪيا ويا، ڄاڻايل انگ اکر ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهن ته اسان جا خدشا درست هئا.
فاروق ستار جو چوڻ هو ته ڪراچي جي 46 سيڪڙو آبادي کي ڳڻيو ويو آهي، شهر جي آبادي کي وڌيڪ کان وڌ ٻه ڪروڙ ڏيکارڻ جي رٿا نظر اچي رهي آهي.
هن چيو ته سنڌ جي شهرن جي آبادي گهٽ ۽ ٻهراڙي جي آبادي کي وڌائي پيش ڪيو پيو وڃي،شمارياتي ٽيم هڪ گهر وڃي ٿي، چار ڇڏي ڏئي ٿي، ٽيب ۾ ڊيٽا شامل ڪئي وڃي ٿي الائي نه ان بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي، اسان جي 66 سيڪڙو آبادي کي گم ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته سنڌ سرڪار کي اِهو ڊپ وڪوڙي ويو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي جي آبادي کي درست ڳڻيو ويو ته وڏو وزير ڪراچي مان کٽي ايندڙ پارٽين جو هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي شمارياتي ٽيم ذريعي آدمشماري ۾ ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي، ايم ڪيو ايم پاڪستان هينئر تائين آيل نتيجن کي رد ڪري ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔