وفاقي ڪابينا عدالتي سڌارن جو مسودو منظور ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت عدالتي سڌارن جو مسودو منظور ڪري ورتو آهي، پارليامينٽ ۾ قانونسازي ٿيڻ بعد چيف جسٽس آف پاڪستان اڪيلي سر ڪنهن به مامري جو پاڻمرادو نوٽيس نه وٺي سگهندو

پاڻمرادي نوٽيس خلاف اپيل جي حق ۾ به قانونسازي ڪئي ويندي

ذريعن موجب پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارو اختيار فل ڪورٽ کي ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، عدالتي سڌارن لاءِ قانونسازي بابت پهرين وفاقي ڪابينا کان منظوري ورتي وئي آهي

قانون وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ بل جو مسودو تيار ڪري ڪابينا آڏو پيش ڪيو، جنهن جي باضابطا منظوري پڻ ڏني وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔