بارکان واقعي ۾ بازياب ڪرايل عورت گراناز ۽ ٻارن جون تصويرون سامهون اچي ويون

ڪوئيٽا: بارکان واقعي ۾ بازياب عورت گرا ناز ۽ ٻارن جون تصويرون سامهون اچي ويون آهن، بازياب عورت ۽ ٻارن کي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي حفاظت ۾ رکيو ويو آهي

ليويزعملدارن موجب خان محمد مري جي اغوا بعد قتل ڄاڻايل گهر واري گراناز، سندس ڌيءُ ۽ 4 پٽن کي بازياب ڪرايوويو آهي، مغوي خاندان جي بازيابيءَ لاءِ بلوچستان جي اوڀر ۽ پنجاب جي ڏکڻ علائقن ۾ آپريشن ڪيو ويو

ليويز عملدارن موجب  گراناز، سندس ڌيءَ ۽ هڪ پٽ کي بارکان جي بارڊر ايريا مان بازياب ڪرايو ويو، گراناز جي ٻن پٽن کي ڊيرا بگٽي بارکان بارڊر ايريا ۽ هڪ پٽ کي دڪي جي علائقي نانا صاحب مان بازياب ڪرايو ويو، بازياب ڪرايل 6 ئي ڄڻا سرڪار جي حفاظتي تحويل ۾ آهن

2 ڏينهن اڳ گراناز جي ٻن پٽن ۽ هڪ اڻڄاتل عورت جا کوهه مان لاش مليا هئا، مقتول عورت لاءِ چيو پئي ويو ته اها گراناز آهي، عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر عائشه فيض جو چوڻ آهي ته قتل ٿيل ناري جي عمر 17 کان 18 سال آهي، نوجوان ناري کي قتل کان جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو

ڇوڪريءَ جي مٿي ۾ 3 گوليون هنيون ويون، سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ چهري کي مسخ به ڪيو ويو، صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران کي پوليس ٽيڻي قتل ڪيس ۾ گذريل رات گرفتار ڪيو هو

ٻئي پاسي بارکان واقعي جي خلاف ڪوئيٽا ۾ مري قبيلي جو ميتون رکي ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، جنهن ۾ ورت گراناز جو مڙس خان محمد مري به ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ پهچي ويو

خان محمد مري جو چوڻ آهي ته بارکان مان ملندڙ لاش منهنجي ٻن پٽن جا آهن، اطلاع آهي ته خاندان جي باقي ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، اطلاع آهن ته ليويز مري فيملي کي برآمد ڪرائي ورتو آهي، ڇوڪريءَ جي لاش جو چهرو سڃاڻپ جي قابل نه هو، هوءَ ڪنهن جي ڀيڻ يا ڌيءَ ته هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔