چيف جسٽس پنجاب ۽ ڪي پي جي چونڊن ۾ دير جوپاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اڄ ٻڌڻي ٿيندي

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان پنجاب ۽ ڪي پي جي چونڊن ۾ دير جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو، 9 رُڪني لارجر بئنچ اڄ 2 وڳي پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪندي

 چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جُڙيل لارجر بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر شامل، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس مظاهر علي نقوي، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله بئنچ ۾ شامل آهن

 سُپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته پاڻمرادي نوٽيس ۾ ٽن سوالن جو جائزو ورتو ويندو، اسيمبلي ٽٽڻ جي صورت ۾ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ وارو آئيني اختيار ڪڏهن ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي؟

سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته  وفاق ۽ صوبن جي عام چونڊن جي حوالي سان ڇا ذميواري آهي؟ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود چونڊن جي تاريخ نه ڏني وئي، صدر چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو، پر اُن تي اعتراض واريا ويا

پنجاب جي گورنر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي اسيمبلي نه ٽوڙي هئي، گورنر جو اختيار يا ذميواري ناهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، اسيمبليون ٽٽڻ بعد چونڊن جي تاريخ بابت اختيار جو معاملو وضاحت طلب آهي، 2 رُڪني بئنچ غلام محمود ڊوگر ڪيس ۾ چونڊن وارو معاملو پاڻمرادي نوٽيس لاءِ چيف جسٽس ڏانهن اُماڻيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔