پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ جو ٻيو مرحلو: اڄ پشاور مان گرفتاريون ڏنيون وينديون

پاڪستان تحريڪ انصاف پاران جيل ڀريو تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ اڄ پشاور مان گرفتاريون ڏنيون وينديون، انتظاميا شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر، پرويز خٽڪ، عاطف خان ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتاريون پيش ڪندا

فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ جو ٻيو ڏينهن اڄ پشاورجي نانءُ آهي، پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن اڄ پشاور مان هٿڪڙين کي چمي ڏئي آزادين جو پيغام ڏيندا

پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ گل نسرين چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ عورتن جي گهرن مان ٻاهر نڪرڻ ۽ جيل وڃڻ کي خراب سمجهيو وڃي ٿو، پر عمران خان جهڙي ليڊر لاءِ اسان جيل وڃڻ لاءِ به تيار آهيون

گذريل ڏينهن لاهور مان شاهه محمود قريشي سميت 84 ڄڻن گرفتاري پيش ڪئي هئي، لاهور مان گرفتاريون ڏيندڙ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي اڊيالا جيل ۾ رکيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔