عمران اقتدار ۾ هجي ها ته ملڪ تباهه ٿي وڃي ها: شاهد خاقان

اسلام آباد : ن ليگ جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عمران خان اقتدار ۾ ويٺل هجي ها ته ملڪ تباهه ٿي وڃي ها، عمران خان جي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي، اسلام آباد ۾ ن ليگ جي ورڪر ڪنوينشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) هميشه ملڪ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪيا، منصوبا ڏنا آهن، پي ٽي آءِ جي دور ۾ هڪ پيسي جو به ڪم نه ٿيو، هن چيو ته عمران خان گذريل 8 مهينن کان هڪ ڳالهه به عوام لاءِ نه ڪئي آهي، اسان هميشه خدمت جي سياست ڪئي آهي ڪنهن کي گارگند ناهي ڏني، شاهد خاقان چيو ته عمران خان جي وري اقتدار ۾ اچڻ جي خواهش ڪڏهن پوري ٿيڻ نه ڏينداسين، ملڪ سوشل ميڊيا تي نه هلندا آهن، ان لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو آهي، عوام اسلام آباد جي بلدياتي چونڊن ۾ ن ليگ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي، ڪنوينشن کي ن ليگ اڳواڻ طارق فضل چوڌري، عابد رضا ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔