وفاقي سرڪار طرفان وزيراعظم ليپ ٽاپ پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي سرڪار طرفان وزيراعظم ليپ ٽاپ پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، وفاقي سرڪار پاران نوجوانن کي 15 لک رُپين تائين قرض ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي

اسلام آباد ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ معاون خصوصي شيزا فاطمه گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، معاون خصوصي شيزا فاطمه چيو آهي ته حڪومت هڪ سال اندر 20 لک نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو آهي

معاون خصوصي شيزا فاطمه جو چوڻ هو ته هلندڙ سال هڪ لک ليپ ٽاپ ڏنا ويندا، وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ ورهائيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔