سنڌ جي 275 ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي فهرست جاري، 50ڪروڙ انعام مقرر

سنڌ حڪومت سنڌ جي مختلف ضلعن جي  275   ڌاڙيلن، ڏوهارين، دهشتگردن ۽ اشتهاري ڏوهارين مٿان مجموعي طور 50 ڪروڙ رويپن کان وڌيڪ انعام مقرر ڪري ڇڏيو

سنڌ جي گهرو کاتي شڪارپور، گهوٽڪي، خيرپور نوشهروفيروز، سانگھڙ، شھيد بينظير آباد، ڪراچي سميت مختلف ضلعن  جي 275 ڌاڙيلن مٿان انعام رکي ڇڏيو

نوٽيفڪيشن موجب شڪارپور ضلعي جي 146 ڌاڙيلن مٿان انعام رکيو ويو ، ڪشمور ضلعي جي 64 ڌاڙيلن مٿان انعام رکيو ويو  آهي

گهوٽڪي ضلعي جي 33 ڌاڙيلن مٿان انعام رکيو ويو آهي، نوشهرو فيروز ضلعي جي 3 ڌاڙيلن مٿان انعام رکيو ويو آهي

شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ هڪ ڌاڙيل ۽ سانگهڙ ضلعي ۾ 12 ڌاڙيلن مٿان انعام رکيو ويو آهي

سٽي ضلعي ڪراچي ۾ 9 ڏوهارين مٿان انعام رکيو ويو آهي، ايس آءِ يو ، سي آءِ اي ڪراچي پاران سفارش ڪيل 7 ڏوھارين مٿان انعام رکيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔