لاهور ۾ رات 10 وڳي مارڪيٽس ۽ ريسٽورنٽس بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ رات 10 وڳي شهر جون مارڪيٽون ۽ ريسٽورينٽس بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس شاهد ڪريم مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي

عدالت حڪم جاري ڪندي چيو ته شهر جون سموريون مارڪيٽون رات 10 وڳي بند ڪيون وڃن ۽ جمعي ڏينهن اسڪول بند ڪيا وڃن

عدالت جو چوڻ هو ته جيڪڏهن جمعي ڏينهن اسڪول کُليل رهيو ته اُهو سيل ڪيو ويندو، عدالت جو تعليم کاتي کي حُڪمن تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

عدالت جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي ريسٽورنٽ بند ڪرڻ تي هڪ ڪلاڪ جو رليف ڏيندي چيو ته انهن ٽن ڏينهن تي ريسٽورنٽ رات 11 وڳي بند ڪيا وڃن جڏهن ته آچر تي رات 10 وڳي مارڪيٽون بند نه ڪيون وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔