سنڌ ۾ شگر ملز 20 نومبر کان هلائڻ جو اعلان

ڪراچي : سنڌ ۾ شگر ملز 20 نومبر کان هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، ڪمند جي ڪريشنگ 29  نومبر تي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

سنڌ سرڪار پاسما کي حتمي  تاريخ ڏئي ڇڏي، ڪمند جو اگهه مقرر  ڪرڻ وارو معاملو رولڙي جو شڪار ٿي ويو آھي

صوبائي وزير منظور وساڻ جي صدارت هيٺ اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو، اجلاس ۾ ڪمند جو في مڻ اگهه مقرر ڪرڻ بابت فيصلو نه ٿيو

منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ شگر ملز 20 نومبر کان هلايون وينديون، 29 نومبر تائين پيڙائي شروع ڪئي ويندي، اجلاس ۾ ڪمند جو في مڻ اگهه مقرر ڪرڻ بابت فيصلو نه ٿي سگهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔