بس گھڻو ٿيو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرايو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران اليڪشن ڪميشن تي ڪاوڙ جو اظھار

ڪراچي :سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ تي سخت  ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عملدارن کي ڇنڊ پٽي وئي آھي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي ملتوي ٿيل مڪاني چونڊن جي ٻئي  مرحلي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس سنڌ پاران اليڪشن ڪميشن ميمبر کان پڇاڻو ڪيو ويو تھ اوهان جي ذميواري آهي ته پوءِ اليڪشن ڇو نه ٿا ڪرايو

اليڪشن ڪميشن جي ميمبر جو جواب ڏنو تھ 9 نومبر تي اجلاس هو، پر موڪل هجڻ ڪري نه ٿي سگهيو

چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيو تھ اليڪشن حساس معاملو آهي، فوري طور ڪرائي وڃي

اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو تھ  اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، سنڌ حڪومت کي مسئلو آهي

چيف جسٽس پاران سرڪاري وڪيل کان سوال ڪيو ويو تھ پوليس جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪهڙو ڪم آهي

سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيو تھ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻوڏ جي ڇا صورتحال آهي، مڪمل تفصيل عدالت کي ڏنا وڃن

سنڌ ھاءِ ڪورٽ  ھدايت ڪئي تھ ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ پوليس 14 نومبر تي پاڻ پيش ٿين يا پنهنجو ڪو نمائندو اماڻين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔