سنڌ ۾ ٻوڏ سبب هڪ ڏهائي 8 ٽرلين ڊالرز جو نقصان ٿيو: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب هڪ ڏهائي 8 ٽرلين ڊالرز جو نقصان ٿيو، عالمي بينڪ امدادي ڪارروائين لاءِ 56 ڏهائي 9 ملين ڊالرز جي فنڊز جي منظوري ڏني آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران چيو ته عالمي بينڪ جي فنڊز جي رقم ٻوڏ متاثرن جي بحالي، روڊن جي تعمير ۽ ٻار توڙي ماءُ جي صحت وارن معاملن تي خرچ ڪئي ويندي

هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي ڊونر اينجسين جا ٿورائتا آهيون، ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل گهرن جي سروي جو ڪم جاري آهي، تباهه ٿيل گهر ٻيهر تعمير ڪري ڏنا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔