اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي 7 ڏينهن اندربلدياتي قانون ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي 7 ڏينهن اندر بلدياتي قانون ٺاهڻ جِي هدايت ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته 7 ڏينهن اندر قانون نه ٺهيو ته پنجاب ۾ پراڻي قانون تحت مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون

اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن مڪاني چونڊن ۾ سهڪار نه ڪيو ته توهين جِي ڪارروائي ٿيندي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪميشن اڄ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس موڪلي رهي آهي

چيف اليڪشن ڪمشنر موجب عدالت کي آگاهه ڪنداسين ته پنجاب حڪومت مڪاني چونڊن کي سنجيده نه پئي وٺي، چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان اي وي ايم مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ کان به انڪار ڪيو ويو

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اي وي ايم کي تڪڙ ۾ لاڳو ڪيو ته چونڊون شڪي بڻجي وينديون، پنجاب حڪومت چاهي ٿي ته انارڪي پکڙجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔