ڪي اين شاهه، ٽنڊو الهيار، سانگهڙ، ٽنڊو آدم ۽ ٻين شهرن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو حڪم

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ خيرپور ناٿن شاهه، ٽنڊو الهيار، سانگهڙ، ٽنڊو آدم سميت ٻين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت حڪم ڏنو آهي ته ڊپٽي ڪمشنرز دادو، ٽنڊو الهيار ۽ سانگهڙ فوري طور لاڳاپيل علائقن ۾ مشينون لڳائي پاڻي نيڪال ڪرائين
سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ 13 سيپٽمبر تي ٿيل ٻڌڻي جو محفوظ ٿيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو
ڪي اين شاهه، ٽنڊو آدم، ٽنڊوالهيار، سانگهڙ ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ متاثرن جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف الطاف سچل اعواڻ، علي پلهه ۽ ٻين پاران درخواستون داخل ڪرايون ويون هيون
درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته لاڳاپيل ضلعن جي انتظاميا نااهلي جا نوان رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري هزارين متاثر بي يارو مددگار بڻيل آهن
درخواستگذارن موجب، برسات ۽ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب علائقن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، مليريا ۽ ڊينگي خطرناڪ حد تائين وڌڻ سبب سوين ماڻهو مرضن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن
جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ڊويزنل بئنچ 13 سيپٽمبر تي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو اڄ جاري ڪيو ويو
عدالت ڊپٽي ڪمشنرز کي فوري طور پاڻي نيڪال ۽ متاثرن جا ٻيا معاملا حل ڪري ايڊيشنل رجسٽرار جي آفيس ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔