پيٽروليم شين جي سبسڊي برداشت نٿا ڪري سگهون: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد : ناڻي بابت وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرط موجب دوست ملڪن کان 4 ارب ڊالر قرض حاصل ڪرڻ جو انتظام ڪري ورتو آهي

پيٽروليم شين جي سبسڊي برداشت نٿا ڪري سگهون. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته اسان پيٽروليم شين جي سبسڊي نٿا ڏئي سگهون، اسان نقصان برداشت نٿا ڪري سگهون، باقي پيٽروليم شين تي هڪ رپيو به ٽيڪس نه لڳندو، هن چيو ته آءِ ايم ايف قرض لاءِ اڳ ۾ 4 ارب ڊالرن جو بندوبست ڪنهن ٻئي هنڌان ڪرڻ جو شرط لڳايو هو

دوست ملڪن کان 4 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جو انتظام ڪري ورتو آهي، آءِ ايم ايف کي اڄ تائين ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪري موڪلينداسين، اسان سڀني کي ويهي چارٽر آف اڪانامي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته سعودي عرب جي پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر قرض سهولت جي تصديق نٿو ڪري سگهان

سعودي اختياريون خبرن جي تصديق ڪن ته بهتر آهي. دڪاندارن تي فڪس ٽيڪس کي پنهنجي غلطي تسليم ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته مون کان غلطي ٿي هئي ته ننڍن دڪانن تي به 3 هزار رپين جو ٽيڪس لڳي ويو هو، ايف بي آر 3 هزار جي جاءِ تي 6 هزار رپين جو ٽيڪس لڳائي ڇڏيو، بجلي جي بل تي ٽيڪس لڳائڻ سان بجلي جي بل جي ڪليڪشن گهٽ ٿي وئي، دڪاندارن جو فڪس ٽيڪس ختم ڪرڻ سان 15 ارب رپيا گهٽ ٿيندا

ناڻي واري وزير چيو ته  1950ع ۾ ڀارت ادارا ٺاهي رهيو هو، اسان ڏيٽي ڏڪر کيڏي رهيا هئاسين، اسان وٽ پروفيسرن جون جعلي فيڪٽريون کُليل آهن، تعليم تي ڌيان نه ڏنو ويو، وڌندڙ آبادي تي ڌيان نه ڏنو ويو، نوازشريف بجلي جي پيداوار واڌئي، اسان صنعتون ۽ شادي هال وڌايا، اسان ڪرپشن خلاف ادارو ٺاهيو، نيب وري شريف ماڻهن کي پڪڙي جيل ۾ وڌو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔