ملير مان گرفتار 4 افغاني شهرين کي جيل موڪلڻ جو حڪم

ڪراچي: ملير جي عدالت بحريا ٽائون مان گرفتار چئن افغاني شهرين کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پوليس طرفان گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيلن ۾ دولت خان پٽ سرور، خيال محمد پٽ مولاداد، ظھور پٽ سهيل خان ۽ بشيرخان پٽ خدائي داد شامل آھن

 گرفتار افغاني شھرين خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ گڏاپ ٿاڻي تي فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

پوليس موجب جوابدارن اعتراف ڪيو آهي ته اسين افغان شھري آھيون

 ملير جي عدالت جوابدارن کي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔