شهباز گل جي رمانڊ بابت درخواست تي نوٽيس

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گِل جي جسماني رمانڊ بابت درخواست تي ڌُرين کان دليل طلب ڪري ورتا

 اي جي اسلام آباد طرفان شهباز گِل جي عدالتي رمانڊ واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي هئي

اي جي اسلام آباد چيو ته شهباز گِل ٽي وي چئنل تي بيان ڏيندي ملڪي ادارن کي ٽارگيٽ ڪيو، حڪومت سندس بيان جو سختي سان نوٽيس ورتو ۽ ڪيس داخل ڪيو

اي جي اسلام آباد چيو ته شهباز گِل جو ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون هٿ ڪرڻو آهي، سندس جسماني رمانڊ ڏنو وڃي

عدالت اي جي اسلام آباد کي چيو ته پهرين درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ بابت دليل ڏيو، هاءِ ڪورٽ ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔