سنڌ پوليس ۾ 27 هزار نين ڀرتين جو اعلان: ٿاڻو ڪلچر تبديل ٿيندو: ڏوهن ۾ ملوث اهلڪار سزا ڀوڳيندا: آءِ جي سنڌ

ڪراچي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سنڌ پوليس ۾ 27 هزار نين ڀرتين جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هلندڙ سال تائين اهي ڀرتيون ٿينديون، اسان ٿاڻي ڪلچر کي تبديل ڪنداسين، جيڪي اهلڪار ڏوهن يا قبضن ۾ ملوث آهن، انهن کي سزائون ملنديون

آءِ جي سنڌ ٽائيم نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، سندس چوڻ هو ته قبضن ۾ جيڪڏهن پوليس اهلڪار ملوث نڪتو ته اُن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي

هن چيو ته دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ صوبي ۾ سي ٽي ڊي پوليس موجود آهي، اينٽي انڪروچمينٽ جي وردي ۽ گاڏيون پوليس جي گاڏين ۽ وردين جهڙيون آهن، اينٽي انڪروچمينٽ وارا ڪٿي آپريشن

ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا ته ماڻهو سمجهن ٿا پوليس آئي آهي

آءِ جي چيو ته ڪراچي:هلندڙ سال پوليس کاتي ۾ 27 هزار نيون ڀرتيون ڪيون وينديون، پوليس کاتي ۾ ڇوڪرين لاءِ ماحول بهتر آهي، کين چوندس ته هو وڌ کان وڌ جوائن ڪن

غلام نبي ميمڻ اعلان چيو ته ٿاڻي ڪلچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ بجيٽ ڏني آهي، ٿاڻن اندر ڳجهون ڪئميرائون لڳائڻ جو سلسلو هلندڙ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔