پنج سال گذري ويا پر انصاف نه مليو، مايوس نه آهيان پر سوال آهي ته انصاف ۾ ايڏي دير ڇو پئي ٿئي؟ اُم رباب

ميهڙ واقعي جي متاثر اُم رباب چانڊيو چيو آهي ته پنج سال گذري ويا پر انصاف نه مليو، مايوس نه آهيان پر سوال آهي ته انصاف ۾ ايڏي دير ڇو پئي ٿئي؟

دادو جي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون ام رباب چانڊيو چيو ته اڄ به ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، آءِ جي سنڌ ٻڌائي ته جوابدار سردارن کي پوليس جو پروٽوڪول ڇو ڏنو ويو آهي؟

هن چيو ته سسٽم کي ٿوري غيرت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، وڏي وزير مراد علي شاهه کي تاريخ معاف نه ڪندي، هو وقت جي يزيدن سان گڏ بيٺل آهي، نئين دور جي يزيدن کي به شڪست ملندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔