پنڊي ايڪسپريس اسپتال داخل، مداحن کي دعا جي اپيل

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اخبر عوام کان دعا جي اپيل ڪئي آهي.

روالپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر اسپتال جي ڪمري مان هڪ ويڊيو پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪري آگاهه ڪيو ته سندس اٺ ڪلاڪ ڊگهو آپريشن ٿيندو جنهن لاءِ کيس دعائن جي سخت ضرورت آهي

اڳوڻي ڪرڪيٽر اميد ظاهر ڪندي چيو ته هيءَ سندس آخري سرجري آهي، ان کان پهرين گوڏي جا پنج آپريشن ٿي چڪا آهن.

هن چيو ته پاڪستان لاءِ بالر طور کيڏيس جنهن تي فخر آهي پر هي سرجري ڪرائڻي پوندي ۽ مڪمل صحتياب ٿيڻ ۾ ٻه کان ٽي هفتا گهربل هوندا.

شعيب اختر سموررن مداحن کان خاص طور تي دعائن جي درخواست ڪئي آهي.

واضح رهي ته شعيب اختر جي گوڏي جا ٽشوز ۽ هڏيون متاثر ٿيون آهن جنهن بابت هو پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ٻڌائيندو رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔