سنڌ ۾ گئسٽرو وبا تي ڪنٽرول نه ٿيو، مختلف شهرن ۾ ڪيترائي ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گئسٽرو وبا تي ڪنٽرول نه ٿيو، مختلف شهرن ۾ گئسٽرو جا ڌڙاڌڙا ڪيس ظاهر ٿيڻ لڳا، مانجهند ۾ ڳوٺاڻو بچل عمراڻي گئسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، پيڊ عيدن ۾ پيرسن غلام شبير سولنگي گئسٽرو وگهي حياتي وڃائي ويٺو

 نئون ديرو ۾ 24 ڪلاڪن دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو گئسٽرو ۾ مبتلا، لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 80 ٻارڙا گئسٽرو وگهي اسپتال ڀيڙا ٿيا، خيرپور ۾ 24 ڪلاڪن دوران ٻارن سوڌو وڌيڪ 62 ڄڻا گئسٽرو ۾ وٺجي ويا

 مٽياري ۾ گئسٽرو جا 130 مريض اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا،  مختلف علائقن ۾ گئسٽرو جا ڌڙا ڌڙ ڪيسز ظاهر ٿيڻ باوجود صحت کاتو حرڪت ۾ نه آيو، اسپتالن ۾ بيڊز ۽ طبي سهولتن جي کوٽ سبب مريض پريشانين ۾ وٺجي ويا، متاثرن طرفان گئسٽرو کي ڪنٽرل ڪرڻ لاءِ ترت ٽيمون اُماڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔