پيٽرول جي قيمتن ۾ 10 رپيا في لٽر گھٽتائي جو امڪان

ڪراچي: عالمي منڊي ۾ تيل سستو ٿيڻ بعد پاڪستان جي عوام کي خوشخبري جو انتظار آھي، وزيراعظم پيٽروليم وزارت کان تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جِي سمري طلب ڪري ورتي آھي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي منظوري سان تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي

ذريعن جو چوڻ آھي تھ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت ۾ گھٽتائي سبب ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا في لٽر تائين گھٽتائي جو امڪان آھي، پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 0 ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 25 رپيا في لٽر تائين گھٽتائي ڪري سگھجي ٿي

ذريعن جو چوڻ آھي تھ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ فوري گھٽتائي جي لاءِ وفاقي ڪابينا جي منظوري گھرل ھ9وندي ۽ ڪابينا جي منظوري بغير 16 جولاءِ کان اڳ قيمتن ۾ گھٽتائي نٿي ڪري سگھجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔