حيدرآباد ۾ ھوٽل مالڪ ھٿان نوجوان جي قتل واقعي خلاف مختلف شھرن ۾ مظاھرا

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ هوٽل مالڪ هٿان نوجوان بلاول ڪاڪا جي قتل واري واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري آھي، فيض گنج، دوڙ ۽ بهرام ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شهرين طرفان ريلي بعد مظاهرا ڪيا ويا

 بلاول ڪاڪا جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، حيدرآباد ۾ ماني جي بِل تي جهيڙي دوران هوٽل مالڪ نوجوان بلاول ڪاڪا کي قتل ڪري ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔