ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو حق خود اراديت لاءِ ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو ، وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو حق خود اراديت لاءِ ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو.وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪشمير جي شهيدن قربانيون گڏيل قومن جي منظور ٿيل حق خود اراديت لاءِ ڏنيون آهن . هن چيو ته ڀارتي تسلط کان آزادي جو شعلو ڪشميرين نسلن کان ڀارتي جبر جي آڏو زنده رکيو آهي . واضح رهي ته  پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي ، جنهن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس پاران 1931 جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪئي ويندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔