آرمي چيف جو ڪراچي ۾ تيز برساتن واري متاثر علائقن جو فضائي دورو

ڪراچي: چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي عرب کان ڪراچي پهچي ويو . پاڪ فوج جي سربراهه اچڻ کانپوءِ هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪيو ۽ اتان جي صورتحال جو جائزو ورتو .عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف شهر جي ٻوڏ واري علائقن جي صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ فضائي دورو ڪيو .آرمي چيف کي موجوده صورتحال تي فوج پاران سول انتظاميا جي ڀرپور سهڪار تي بريفنگ ڏني وئي . آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ريليف اپائن ۾ سول انتظاميا جي عسڪري سهڪار کي ساراهيو . ڪراچي اچڻ تي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد آرمي چيف جو استقبال ڪيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔