ناليواري سريلي گلوڪاره روبينا قريشي لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي: ”عمر آءُ ويندڙو پڇان پئي الا ، جتي منهنجا مارو“ ، ”آئي مند ملهاري وي …..“ ، ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس“ ، ” اکيون آرزوئون، اکيون التجائون “ جهڙن کوڙ سارن لازوال گيتن کي پنهنجو سريلو آواز ارپيندڙ گلوڪاره روبينا قريشي لاڏاڻو ڪري وئي. نامياري فنڪاره روبينا قريشي 82 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي،

روبينا قريشي ڊگهي عرصي کان ڪينسر جي مرض جي مبتلا هئي روبينا قريشي ريڊيو پاڪستان سان راڳ جي دُنيا ۾ پير پاتو هو، هُن ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي شاعري سوڌو ڪيترائي لوڪ گيت ڳايا. روبينا قريشي 1970ع ۾ مشهور اداڪار مصطفيٰ قريشي سان شادي ڪئي هئي، روبينا قُريشي ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۴۰ع ڌاري، حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ الاهي بخش شيخ جي گهر ۾ اکيون کوليون،  سندس اصل نالو ته ”عائشه شيخ“ هو . سندس خاندان پڙهيل ڳڙهيل ۽ واپار سان واڳاپيل هو. هُن ريڊئي پاڪستان حيدرآباد تان ڳائڻ ڪري ۽ پنهنجي اصل سڃاڻ مٽائڻ لاِءِ پنهنجو نالوعائشه مان ڦيرائي رُوبينه رکيو ۽ جيئن ئي هُن ناليواري فلم اسٽار مصطفيٰ قريشيءَ سان ۱۹ سيپٽمبر ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ شادي ڪئي ۽ ته ”عائشه شيخ“  مان ڦري ”رُوبينه قُريشي“ ٿي وئي.  

عائشه شيخ عُرف ”رُوبينا قريشيءَ“ پنهنجي ابتدائي تعليم حيدر آباد شهر جي هڪ پرائمري اسڪول مان ورتي جنهن ۾ کيس ”دادي ليلان“ جھڙي سٻاجھڙي ۽ هُوشيار اُستاد ملي جنهن سندس تربيت ڪئي. نتيجي ۾ هوءَ حمد، نعت ۽ دُعا پڙهڻ کانسواءِ اسڪول ۾ قومي نغما به ڳائيندي هُئي ۽ اسٽيج جي ڊرامن به حصو وٺندي هُئي. اُن کان پوءِ گورنمنٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد، جيڪو پوءِ ڪاليج به بڻيو، اُتي نالي واري تعليمي ماهر آپا شمس عباسي، جيڪا اسڪول ۾ پهرين هيڊ مسٽريس هُئي، ڪاليج بڻجڻ سان پرنسپال بڻي تنهن به عائشه شيخ عُرف روبينه قُريشيءَ جي رهنمائي ڪئي. ۱۷ آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾ جڏنهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بُنياد پيو تڏنهن سُتت ئي ريڊيو اسٽيشن جي انتظاميه پاران حيدرآباد جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن کي خط اُماڻيا ويا ته هُو پنهنجن باصلاحيت شاگردن ۽ شاگرديانين کي ريڊيو تي موڪلين ۽ اُنهن خطن جي ئي روشنيءَ ۾ روبينه قُريشي حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن گھُمڻ آئي هُئي. اُن وقت هُوءَ نائين درجي ۾ پڙهندي هُئي. جتي سندس مُلاقات نالي واري براڊڪاسٽر ايم. بي انصاريءَ (محمد بخش انصاري) ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر ماسٽر مُحمد ابراهيم سان ٿي، جن هن جو آڊيشن وٺي فيصلو ڪيو ته فلحال هن کي ٻين فنڪارن سان گڏ ڪورس ۾ ڳارايو وڃي. ۽ پوِ هُن ڪورس ۾ قومي نغما، شاديءَ جا ڳيچ، ۽ لوڪ گيت وغيره ڳايا. هن ان سان گڏ سنڌي ۽ اُڙدو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، ڪمپيئرنگ ڪيائين، گيتن ڀرين ڪهاڻين ۾ ڳايائين ۽ انهن پروگرامن جي راوي ٿي. اهو سلسلو هلندو رهيو پر ڳائڻ جي حوالي سان هن کان ٿورڙي ئي عرصي کان پوءِ  ”سولو“ يعني ”اڪيلو“ يا ”اڪيلي سِر“ ڳارايو ويو. سندس اڪيلي سِر ڳائيل پهريو ڪلام آهي” پيري پوندي سانِ، چوندي سانِ، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾“. روبينه قُريشيءَ ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مُسلم هسٽريءَ ۾ ايم. اي ڪئي، ناميارو فلم اسٽار مُصطفي قريشي، جيڪو اُن وقت ريڊيو پاڪستان ۾ پروگرام آرگنائيزر يعني پروڊيوسر هو ۽ اُن سان شاديءَ کان پوءِ هُوءَ اُن سان گڏ سُتت ئي ۱۹۷۰ع ۾ لاهور هلي وئي. لاهور ۾ رهڻ دوران پاڻ اُستاد ڇوٽي غلام عليءَ کان راڳ جي وڌيڪ تربيت به وٺڻ لڳي، هُوءَ هڪ کان ٻن ڪلاڪن تائين روزانو رياض ڪندي هئي، هوءَ سازن ۾ هارمونيم به وڄائيندي هئي ، کيس راڳڻي ڀيروين ۽ ملهار وڻندي هئي ۽ فنڪارن ۾ مهدي حسن، ماسٽر مُحمد ابراهيم ۽ استاد مُحمد جُمن کان مُتاثر هئي. روبينه قُريشيءَ کي ٻه ٻار آهن ، هڪ نياڻي اربيلا ۽ ٻيو پُٽ مُحمد عامر جيڪو ٽيليويزن تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ سان گڏ ڳائيندو به آهي. روبينا قريشي سڀ کان وڌيڪ حضرت شاه عبدُالطيف ڀٽائي گھوٽ ۽ سچل سرمست کي ڳايو آهي، ڪيترائي لوڪ گيت به ڳايا اٿس، هُن گھڻي ڀاڱي ماسٽر محمد ابراهيم، اُستاد محمد جُمن ۽ اُستاد نذرحُسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام ڳايا آهن. ريڊيو حيدرآباد تي سندس گھڻي ۾گھڻا ڪلام پروڊيوسر ايم. بي انصاري ۽ خواجه امداد عليءَ رڪارڊ ڪيا آهن، هُوءَ ريڊيو پاڪستان لاهور، ڪراچي ۽ ڍاڪا تي به ڳائي چُڪي آهي، هُن هونئن ته ماسٽر ابراهيم ۽ اُستاد مُهمد جمن کان راڳ سکيو آهي پر باقاعدي سان هُن تربت لاهور ۾ اُستاد ڇوٽي غلام علي خان کان ئي ورتي آهي. هُن سنڌي، اُردو، پنجابي، سرائڪي، بنگالي، بلوچي ۽ پشتو زبانُن ۾ به ڳايو آهي. ٽيليويزن تي کيس مرحوم عبدالڪريم بلوچ مُتعارف ڪرايو هو. هُن سنڌي فلمن سسئي پُنهون، ۽ گھونگھٽ لاهه ڪُنوار جا گانا به ڳايا آهن. انڊونيشيا جو صدر سُوئيڪارنو سندس ڳائڻ کي ڏاڍو پسند ڪندو هو، حون جن ٻاهرين مُلڪن ۾ فن جو مُظاهرو ڪيو آهي تن ۾ انڊونيشيا، چين، تُرڪي، هندستان، برطانيا ۽ آمريڪا سر فهرست آهن. کيس مهراڻ جي بُلبل ۽ سنڌ جي ڪوئل جا لقب ملي چُڪا آهن. روبينه قريشي عملي زندگيءَ ۾ اچڻ کان هيل تائين ڪيتريون ئي سماجي خدمتون به ڪيون، کيس فن جي خدمتن جي مڃتا ۾ ۱۹۹۶ع ۾ قلندر لال شهباز ايوارڊ ۽ غلام خواجه فريد ايوارڊ به ملي چُڪا آهن. روبينا قريشي جي لاڏاڻي تي فن جي دنيا ۾ سوڳ جي لهر پيدا ٿي وئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔