اسلام آباد: اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آءِ موجب دته خيل ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي فورسز ڪارروائي ڪئي
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، وٽانئن وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيا ويا، مارجي ويل دهشتگرد فورسز خلاف ڪارروائين ۾ ملوث هئا