ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ، وري سخت قدم کڻڻا پوندا: وڏو وزير

ڪراچي : وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا جي ڪيسز ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو ته حڪومت کي وري سخت قدم کڻڻا پوندا.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته ان دوران سيڪريٽري صحت اجلاس  کي بريف ڪيو.

سيڪريٽري صحت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪورونا ڪيسز جو ٽرينڊ 24 جون کان وڌڻ شروع ٿيو آهي ۽ 24 تي ڪورنا جا 248 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، 26 جون تي 337، 28 تي 431 ۽ 30 جون تي 465 ڪيسز رپورٽ ٿيا.

سيڪريٽري صحت چيو ته هن وقت ڪورونا جي ڪُل مريضن جو انگ 63 آهي جن مان 4 وينٽي ليٽر تي آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪورونا جا هفتوار 19 سيڪڙو ڪيسز ظاهر ٿيا آهن.

سنڌ حڪومت جي ترجمان موجود ان موقعي تي وڏي وزير عوام کان اپيل ڪندي چيو ته هو ڪورونا کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان گڏ ويڪسينيشن ڪرائين ۽ بوسٽر لڳرائن.

وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪورونا ڪيسز وڌيا ته شايد حڪومت کي وري سخت قدم کڻڻا پوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔