پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ: حمزا شهباز ۽ پرويز الاهي سپريم ڪورٽ ۾ پيش

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ طرفان طلب ڪرڻ تي پنجاب جو وڏو وزير حمزا شهباز ۽ اسپيڪر پرويز الاهي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري پهچي ويا آهن.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل فيصل چوڌري ۽ امتياز صديقي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ درخواست تي فيصلي تائين پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ وارو عمل روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ جي اپيل تي ٻڌڻي ڪري رهي آهي.بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل به شامل آهن.

ٻڌڻي جي شروع تي لاهور مان پي ٽي آءِ جي وڪيل امتياز صديقي ويڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيو جڏهن ته پي ٽي آءِ طرفان بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته ان ڳالهه سان اتفاق نٿو ڪريان ته ڪو ميمبر موجود ناهي ته انتظار ڪري ووٽنگ ڪرائي وڃي، ميمبر موجود هوندا آهن پوءِ اهي اسيمبلي هال ۾ هجن يا چيمبر ۾، سندن ووٽ شمار ڪيا ويندا آهن، اوهان رڳو اهو ٻڌايو ته ووٽنگ لاءِ گهٽ وقت ڏيڻ واري درخواست تي اوهان جا ڪهڙا دليل آهن.

چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل سان مڪالمو ڪندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ظاهري طور توهان جي حق ۾ آهي، توهان پاڻ ٻڌايو ته فيصلو توهان جي حق ۾ ٿيو آهي يا نه؟ .

چيف جسٽس پاڪستان چيوته داخل ڪيل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪجهه ميمبر حج تي، ڪجهه شادين تي ويل آهن، کين اچڻ  ڏيو، سپريم ڪورٽ ان معاملي ۾ مداخلت ڇو ڪري؟ ڇا پي ٽي آءِ کي وڌيڪ وقت گهرجي ٿو؟  ڪهڙي اصول تحت اسان لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ مداخلت ڪيون؟ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ اختلافي نوٽ ۾ ووٽنگ جي تاريخ سڀاڻي جي آهي، ڇا توهان سڀاڻي ووٽنگ لاءِ تيار آهيو ؟

ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ پنجاب ۾ ٻيهر چونڊ عمل لاءِ هڪ هفتي جو وقت گهري ورتو آهي.

جسٽس اعجاز چيو ته ملڪ اندر موجود ميمبر هڪ ڏينهن ۾ پهچي سگهن ٿا، توهان جي باغي ميمبرن جا ووٽ پهريان ئي نڪري چڪا آهن، پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي لاهور پهچڻ ڪيترو وقت لڳندو ڇا توهان چاهيو ته هڪ هفتي تائين پنجاب جو ڪاروهنوار وڏي وزير بنا هلي؟ هاڻوڪي وڏي وزير جو مسئلو اهو آهي ته سندس چونڊ صحيح نموني نه ٿي، جيڪڏهن وڏو وزير نه هجي ته پوءِ صوبي جو انتظام ڪير سنڀاليندو آهي؟

اِهو نٿو ٿي سگهي ته اڳوڻو وڏو وزير بحال ٿي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔