اوئن مورگن عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لنڊن : انگلينڊ جي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪپتان اوئن مورگن عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو. مورگن طرفان رٽائرمينٽ جو فيصلو فارم ۾ نه هئڻ ۽ انجريز سبب ڪيو ويو

انگلينڊ ۽ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اوئن مورگن جي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جي تصديق ڪئي وئي آهي. انگلش ٽيم اوئن مورگن جي قيادت ۾ 2019ع ۾ عالمي ڪرڪيٽ ۾ پهرين ڀيرو آءِ سي سي ورلڊ ڪپ کٽيو

مورگن 2010ع ۾ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جو به حصو رهيو. مورگن انگلينڊ طرفان 248 ون ڊي، 115 ٽي ٽوئنٽي ۽ 16 ٽيسٽ ميچون کيڏيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔